SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Atlantic Charter

(click word to listen sound
  • 🔊
  • atlantic
  • tʃɑːtər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Atlantic Charter

ايٽلانٽڪ چارٽر

ايٽلانٽڪ پڌرنامو

هي ٻي عالمي جنگ دوران وچ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود بحري جنگي جهاز تان اڳوڻي آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي رُوز ويلٽ ۽ برطانيائي وزيراعظم سرونٽسن چرچل طرفان جاري ڪيل اهو ٻه-طرفو پڌرنامو آهي ، جنهن ۾ جنگ بابت سهمتيءَ ڀريل مقصد بيان ڪيا ويا هُئا. هن پڌرنامي ۾ خوف ۽ لالچ کان ڇوٽڪاري ۽ اظهار ۽ مذهب جي آزادي تي زور ڏنو ويو هو، جن جي بُنياد تي اتحادي گڏجي جنگ ۾ حصو وٺندا. ان کان سواءِ خوداختياريءَ جي حق، آزاد ۽ جمهوري طريقي سان حڪومت سازي، معاشي تعاون، جهاز رانيءَ جي آزادي، تڪرارن ۾ طاقت جي استعمال کان پرهيز ۽ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي تي بين الاقوامي سلامتيءَ جي حوالي سان عالمي سرشتي جي نئين جوڙجڪ وارن اصولن تي عمل درآمد بابت به پڪ پڪاڻي ڪئي وئي. مٿيان خيال، آزاديون ۽ سهمتيون اتحادين جي مُخالف جنگي اتحاد يعني ”محوري طاقتن“ جي سوچ جي بلڪل اُبتڙ هُيون. هن پڌرنامي اڳتي هلي ”گڏيل قومن جي اداري“ جي قيام لاءِ بُنيادي پنڌ ۽ پيچرا نروار ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي معاملن جي پر امن حل لاءِ دُنيا کي هڪ سگهارو پلئٽفارم مهيا ٿيو


From Dictionary of Political Terms


Atlantic Charter

ائٽلانٽڪ معاهدو

آمريڪا جي صدر ”فرينڪلن روز ويلٽ“ ۽ برطانيا جي وزيراعظم ”سرونسٽن چرچل“ 1941ع ۾ هي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو.


Remember Me Also:

سهميل

صفت. سدورو لڇمي ، فرمانبردار ، تابعدار ، نِهٺو. هيسيل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal